اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سوراب بلوچستان ۾ زمين حاصل ڪندڙ متاثرين کي معاوضي جي 4 سالن ??ان عدم ادائيگي تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي عملدارن خلاف انڪوائري جو حڪم ڏيندي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بي??ن موجب صدر بلوچستان جي زمين حاصل ڪر?? جي 23 متاثرين کي چئن سالن تائين معاوضي جي عدم ادائيگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن معاوضو ادا ڪر?? ۾ دير جي ذميوار آفيسرن، اهلڪارن جي خلاف انڪوائري ڪر?? جا حڪم جاري ڪندي چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي حڪم جي وصولي جي 30 ڏينهن جي اندر تعميل جي رپورٽ پيش ??ري. صدر چيو ته اٿارٽي وضاحت ڪري ته محتسب جي حڪمن جي تعميل ڇو نه ڪئي وئي. هن چيو ته اٿارٽي چئن سالن جي دير کانپوءِ ايڪنڪ جي منظوري جي لاءِ ڪيس شروع ڪيو، معاملو دير س??ن موڪلڻ تي شهرين کي ادائيگي ۾ دير ٿي. صدر چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي لاپرواهي بلڪل واضح آهي. صدر چيو ته اٿارٽي 1894ع جي لينڊ ايڪيوزيشن ايڪٽ تي عمل نه ڪيو، ايجنسي جي قانوني ذميواري آهي ته اها ڊپٽي ڪمشنر/ ڪليڪٽر کي معاوضي جا فنڊ جمع ڪرائي. هن چيو ته اٿارٽي زمين کي حاصل ڪر?? دوران نقصان جي ادائيگي ۾ ناڪام رهي، شڪايتن جي چئن سالن کانپوءِ دير سان ڪيس شروع ڪر?? بدانتظامي جي برابر آهي. تفصيل موجب سوراب بلوچستان جي 23 شهرين ??ان اٿارٽي روڊ جي تعمير جي لاءِ زرعي زمين حاصل ڪئي، روڊ مڪمل ٿيڻ جي باوجود زمين جي معاوضي جي رقم شهرين کي ادا نه ڪئي وئي، جنهن تي شهرين اٿارٽي ??ان معاوضي جي درخواست ڪئي پر ڪو به فائدو نه ٿيو، ريليف نه ملڻ تي بلوچستان جي شهرين وفاقي محتسب کي درخواست ڪئي، وفاقي محتسب اٿارٽي جي حڪمن جي خلاف انڪوائري جو حڪم ڏنو، جنهن کي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي صدر آڏو چئلينج ڪيو، صدر نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي درخواست کي مڪمل طور غلط قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.