اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان فلسطين جي شهر جنين تي اسرائيل جي وحشياڻي حمل?? جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ وڏي عمر جي عورت سميت ڪيترائي بيگناهه فلسلطيني شهيد ۽ 20 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هلندڙ مهيني ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ 30 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها اسرائيلي قابض فوج ??ي انهن ڪاررواين کي روڪرائڻ ۽ فلسطيني عوام ??ي انساني حقن جي مناسب تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجي ذ??يو??ري ادا ڪري. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي بنيادي حقن بشمول خودمختيار?? جي حق کي مڪمل حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي جائز جدوجهد جي پنهنجي مضبوط ۽ اڻٿڪ حمايت کي ورجائي ٿو. بيان موجب پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظ??ار ڪن ٿا ۽ ان وحشياڻي حملي ۾ زخمين جي مڪمل ۽ جلد صحتياب?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظ??ار ڪن ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ او آءِ س?? جي لاڳاپيل قراردادن موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي واري شهر جي طور تي هڪ قابل عمل ۽ آزاد فلسطيني رياست جي لاءِ پنهنجي مطالب?? جي تجديد ڪري ٿو.