اسلام آب??د– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آب??دگار پئڪيج تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آب??دگارن کي ٽيوب ويل تي سبسڊي ڏئي رهي آهي، گوادر بندرگاهه کي فع??ل ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آب??دگار پئڪيج تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس ج?? صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، طارق بشير چيما، انجنيئر خرم دستگير خان، مريم اورنگزيب، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدا?? پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته آب??دگار پئڪيج تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آب??دگارن کي ٽيوب ويل تي سبسڊي ڏئي رهي آهي، حڪومت هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي آب??دگارن کي ايندڙ فصل جي لاءِ هر قسم جي مدد فراهم ڪري رهي آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي 50 سيڪڙو ڪارگو جي لاءِ گوادر پورٽ کي استعم??ل ڪيو وڃي. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي لاءِ گوادر بندرگاهه جو مڪمل فعال هجڻ اهم آهي، گوادر بندرگاهه کي فع??ل ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. اجلاس کي آب??دگار پئڪيج تي عملدرآمد تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي آب??دگارن کي ٽيوب ويل تي ڏني ويندڙ سبسڊي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آب??دگارن کي ايندڙ فصل جي لاءِ ڏني ويندڙ سهولت ۽ مدد تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.