اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو آهي ته اسان هن وقت ماحوليا??ي تبديلين سان ٿيندڙ تباهي جي خلاف حالت جنگ ۾ آهيون، ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي منصوبن جي لاءِ اربين رپين جا قر?? گهربل آهن. وزيراعظم آفيس جي اڪائونٽس تان جاري ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بيٺل پاڻي جي تصوير سان گڏ ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز ش??يف فنانشل ٽائيمز کي پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته جيڪي اسان جا مطالبا آهن ۽ جيڪو ڪجهه اسان کي ملي رهيو آهي ان ۾ تمام وڏو فرق آهي، اسا?? ماحوليا??ي تبديلين سان ٿيندڙ تباهي جي خلاف حالت جنگ ۾ آهيون ۽ اسان ان جو شڪار آهيون، اڄ جيڪڏهن اسان ان جو شڪار آهيون ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ ان جو شڪار ٿي سگهي ٿو ۽ اسان اهو نه ٿا چاهيون ته ائين نه ٿئي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان کي بحالي جي لاءِ اربين رپين جو قر?? گهربل آهي.