اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تازي ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ اضافي جو خطرو آهي، لکين گهر ۽ لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل جي تباهي سان غريبن جي بار ۾ اضافو ٿيو آهي، جيتوڻيڪ پاڪستان غربت جي خاتمي، عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 17 آڪٽوبر تي غربت جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان ۾ غربت جي مڪمل خاتمي لاءِ خوراڪ، روزگار، صحت، گهر، انصاف جي پهچ وڌائڻ سان گڏوگڏ عوام جي سياسي شموليت ۽ انهن جي اختيارن ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. صدر چي?? ته غربت جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي غربت ۽ ان جي سڀني شڪلين جي مڪمل خاتمي جي عزم کي ورجايون ٿا. پاڪستان غربت جي خاتمي، عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته غربت ۽ بک دنيا جي انساني حقن جي خلاف آهي، ٻوڏ ۽ ٻيون قدرتي آفتون غربت ۾ اضافي جو وڏو سبب آهن. تازي ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ اضافي جو خطرو آهي. هن چي?? ته غربت جي خاتمي، زمين ۽ ماحول جي تحفظ جي اصولن تي ڪاربند رهندو. ماحولياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪن جي مسئلن ۾ اضافو ٿيو آهي. صدر چي?? ته ٻوڏ جي ڪري عالمي برادري کي پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪرڻو پوندو. پاڪستان غربت جي خاتمي لاءِ مختلف پروگرام شروع ڪيا. صدر چي?? ته غربت جي خاتمي لاءِ نيشنل رورل ??پو??ٽ پروگرام، بينظير انڪم ??پو??ٽ پروگرام، احساس پروگرام، صحت ڪارڊ جهڙا مختلف قدم کنيا ويا. پاڪستان مستقبل ۾ غربت جي خاتمي لاءِ قدم کڻندو رهندو.