اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف ملڪه برطانيا ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي برطانوي وز??راعظم الزبيٿ ٽرس کي تعزيتي خط لکيو آهي جنهن ۾ ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي برطانوي هم منصب ۽ ان جي وسيلي شاهي خاندان سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظ??ار ڪيو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم خط ۾ چيو ته بحيثيت ملڪه برطانيا تي ڊگهي ترين مدي تائين حڪمران ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪه ايلزبيٿ ٻه ان سموري عرصي ۾ برطانيا ۽ سڄي دنيا ۾ مثبت تبديلين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي دولت مشترڪه جي لاءِ خلوص ۽ ان جي انٿڪ نگراني ۾ اها تنظيم دني?? جي سڀ کان وڏي آزاد ملڪن جي تنظيم بڻجي وئي. وز??راعظم چيو ته ڊگهي عرصي تائين عوامي مفادن جي تحفظ جي لاءِ خدمتن جي باوجود ملڪه ايلزبيٿ جي شخصيت ۽ ان جي موجودگي يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۽ سڄي دني?? جي ماڻهن جي لاءِ اتحاد ۽ اخوت جي طاقت جو نشان بڻي، برطانيا ۽ دولت مشترڪه جي سربراهه طور پاڪستاني عوام جي ملڪه ايلزبيٿ جي لاءِ س??ائ??ن احترام ۽ عزت جا جذبا رهيا. وز??راعظم چيو ته ڏهاڪن تي ٻڌل ان جي حڪومت دوران پاڪستاني عوام ۽ ملڪه ايلزبيٿ جي وچ ۾ ان عزم ۽ احترام جي رشتي ۾ مضبوطي ۾ اضافو ٿيو. وز??راعظم چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ مون سميت پوري پاڪستاني قوم جون سموريون همدرديون برطانوي شاهي خاندان، برطانوي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن.