اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران ??ان جي ادارن کي بدنام ڪرڻ ۽ ان جي خلاف نفرت پ??يڙڻ جي انتهائي مذمت جوڳي مهم هر ڏينهن هڪ نئين انتها کي ڇُهي رهي آهي، ان جي ايجنڊا پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ ۽ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ادارن کي بدنام ڪرڻ ۽ ان جي خلاف نفرت پ??يڙڻ جي عمران نيازي جي انتهائي مذمت جوڳي مهم هر ڏينهن هڪ نئين انتها کي ڇُهي رهي آهي. حساس پيشيواراڻن معامن بابت ۽ هٿياربند فوج ۽ ان جي قيادت جي خلاف هاڻي هو سڌوسنئون گند اڇلائي ۽ زهريلا الزام هڻي رهيو آهي. هن چيو ??ه واضح طور تي عمران ??ان جي ڪڌي ايجنڊا پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ ۽ ان کي ڪمزور ڪرڻ آهي.