اسلام آباد– 31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ ??ضائيه هن وقت سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي رهي آهي. نلتر وادي ۾ پاڪ ??ضائيه طرفان رليف ۽ بحالي جو ڪم به زورن تي آهي. پاڪ ??ضائيه جي ترجمان موجب پاڪ ??ضائيه جي ايئر موبلٽي ڪمانڊ هيلي ڪاپٽرز ۽ سي 130 جهاز?? جي 89 اڏامن ذريعي ٻوڏ متاثر انهن علائقن تائين امدادي سامان په??ايو ويو جنهن تائين زميني رستن ۾ په??ڻ مشڪل هو. انساني همدردي تحت پاڪ ??ضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ضرورتمند خاندانن ۾ 795 خيما، 42491 پڪل کاڌي جا پيڪٽ، 146726 بنيادي کاڌي پيتي جي شين جا راشن بيگ ۽ 82806 پاڻي جون بوتلون ورهايون آهن. هن وقت تائين پاڪ ??ضائيه طرفان 16 ٽينٽ سٽيز ۽ 41 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن جتي رهائش ۽ خوراڪ جي فرا??مي کانسواءِ 14822 مريضن جو پاڪ ??ضائيه جون ميڊيڪل ٽيمون مفت طبي معائنو ڪري رهيون آهن، پاڪ ??ضائيه جون امدادي ڪارروايون اڃان تائين جاري آهن.