گلگت – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پيپلزپارٽي گلگت بلتستان جي صوبائي صدر امجد حسين ايڊووڪيٽ 5 آگسٽ 2019ع ت?? ڪشمير تي ڀارتي غيرقانوني قدمن جا 3 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجه?? کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ غيرقانوني قبضي کي برقرار رک?? جي لاءِ هر قسم جي حربا ۽ ظلم ۽ جارحيت آڏو ڪشميرين بي شمار قربانيون ڏنيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن تي گڏيل قومن جي خاموشي س??اليه نشان آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي حڪومت پاران غيرقانوني قدمن جو مقصد والاريل واديءَ ۾ غيررياستي رهواسين کي آباد ڪر?? ڪشميرين جي اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ آهي جيڪو مذمت جوڳو آه?? ڪشمير تڪرار جو حل گڏيل قومن جي س??امتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب من??فاڻو حل ڪڍڻو پوندو.