اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 مئي تي اتر و??ير??تان ۾ خودڪش حملي جي شهيدن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ملڪ تي جان نڇاور ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ??يو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر سپاهي قاسم مقصود، سپاهي عزيز ۽ لا??س حوالدار زبير قادر جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر فوجي جوانن جي شهادت تي وارثن سان تعزيت جو اظهار ??يو. صدر 26 اپريل تي ڏکڻ و??ير??تان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي محمد سراج الدين جي وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن شهيدن جي وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي، صدر شهيدن جي عظيم قرباني تي خراج عقيدت پيش ??يو.