اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف پشاور ۾ سک برادري سان تعلق رکندڙ ٻن پاڪستانين جي قتل جي سخت مذمت ڪندي هدايت ڪئي آهي ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير صوبي ۾ شهرين خاص طور تي غيرمسلمان پاڪستانين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي، رنجيت سنگهه ۽ ڪنول سنگهه جي قاتلن کي جلد گر??تار ڪري قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ش??با?? شريف چيو ته ان دهشتگردي جي پٺيان پاڪستان دشمني آهي، اهڙن دشمنن کي ختم صفحه ه??تي تان مٽائي ڇڏينداسين. وزيراعظم ش??با?? شر??ف رنجيت سنگهه ۽ ڪنول سنگهه جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته متاثر خاندانن کي يقين ڏياريون ٿا ته قاتلن جي گر??تاري ۾ وفاقي حڪومت مڪمل تعاون ڪندي.