اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ چ??ني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ 26 اپريل 2022ع تي ڪراچي ۾ ٿيل دهشتگردي جي حملي ۾ چ??ني شهرين جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. ان مو??عي تي چ??ني سفارتخاني جي ناظم الامور پينگ چونچوئي ۽ آفيسرن سان ڳالهائيندي صدر چيو ته ان افسوسناڪ وا??عي تي پوري پاڪستاني قوم کي گهرو ڏک ۽ افسوس آهي ۽ هو پنهنجي چ??ني ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان چ??ني شهرين جي تحفظ کي يق??ني بڻائڻ ۽ ان ڪ??ي وا??عي ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو، صدر وا??عي جي پرزور مذمت ڪندي چيو ته اسان جي دشمنن جا ناپاڪ ارادا ان جي پويان آهن جيڪي پاڪ چين دوستي ۽ ۽ سي پيڪ منصوبي کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا پر اهي پنهنجي انهن ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندا ڇو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري دوستي هموار آهي ۽ هو سدا بهار دوستي کي سگهه ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن. هن ناظم الامور کي چيو ته هو چ??ني عوام، ڪميونسٽ پارٽي ۽ صدر شي جن پنگ تائين به اها دلي تعزيت پهچائي. ناطم الامور سفارتخاني جو دورو ڪرڻ ۽ چين جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو، هن چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل مستقبل جا حامل آهن ۽ انهن جي وچ ۾ دوستي ۽ ويجهي تعاون جي ڊگهي تاريخ آهي، هن حملي جي مذمت ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ان وا??عي جي پردي پويان ڏوهارين کي گرفتار ڪري سزا ڏني ويندي، ان کانپوءِ صدر سفارخاني جي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات به قلمبند ڪيا. ان مو??عي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر چيو ته چ??ني عوام سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪريان ٿو، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڀائراڻي دوستي ۽ عوام جي سطح تي گهرا لاڳاپا هموار آهن، هن چيو ته ٽن چ??ني شهرين جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ سان ائين لڳي ٿو ته اسان پنهنجي پاڪستاني رشتيدارن کي وڃايو آهي، ان المناڪ وا??عي تي چين جي صدر شي جن پنگ، ڪميونسٽ پارٽي آف چائنه ۽ چ??ني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ چين جا گهرا دوستاڻا لاڳاپا اسان جي دشمنن لاءِ خطرو آهن ان لاءِ هو چين پاران اسان جي مدد، بي آر آئي ۽ سي پيڪ جي ذريعي چين جي امن ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي پويان آهن، تنهن ڪري جتي به دهشتگرد آهن اسان کي انهن جي ناپاڪ ارادن کي گڏجي ناڪام بڻائڻ جي ضرورت آهي. بنا شڪ جي پاڪستان دهشتگردي جي خل??ف ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، تنهن هوندي به اهو واقعو رونما ٿيو آهي جيڪو اسان جي لاءِ انتهائي دردناڪ آهي، صدر چين کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان جي حڪومت جوابدارن جو پتو لڳائڻ ۽ انهن کي سزا ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، هن پاڪستان ۾ چ??ني شهرين جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته اسان کي ٽيڪنالاجي، ثقافت، زبان، ڪميونيڪيشن سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون جي ضرورت آهي، هي ٽئي چ??ني شهري چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪميونيڪيشنز اسڪلز ۾ بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا، اسان خاطري ڪرايون ٿا ته پنهنجي شهرين وانگر چ??ني شهرين جي سيڪيورٽي يق??ني بڻائينداسين.