اسلام آباد / حافظ ??باد – 12 – مارچ (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان آچر تي حافظ ??باد ۾ ت??ريخي عوامي جلسي کي خطاب ڪندو، وزيراعظم عمران خان آچر ڏينهن حافظ ??باد جو دورو ڪندو ۽ حافظ ??باد ۾ سڀ کان وڏي عوامي ميڙ کي خطاب پڻ ڪندو. حافظ ??باد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ??طل??عات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حافظ ??باد ۾ هڪ يونيورسٽي ۽ اسپتال قائم ڪئي ويندي. ان کانسواءِ حافظ ??باد ضلعي ۾ اربين رپين جي ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي. مخالف ڌر تي تنقيد ڪندي هن چيو ته مافيا پاڪستان جو هر هڪ ادارو کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ماضي جي حڪمرانن ٻاهرئين ملڪ اربين رپين جون ??راپرٽيون ??اهيون. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري پنهنجي غيرقانوني دولت کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ماضي جو حڪمران طبقو قومي مفادن تي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيندو رهيو آهي ۽ هر شخص ڄاڻي ٿو ته ميمو گيٽس اسڪينڊل ۾ آصف علي زرداري ڪهڙي ملڪ کان مدد طلب ڪئي هئي. مملڪتي وزير چيو ته بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر ملڪ ۾ افراتفري پکيڙڻ چاهي ٿي. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان تيزي سان ترقي جي رستي تي گامزن هو پر مخالف ڌر کي ملڪ جي اها ترقي هضم نه ٿي. هن چيو ته ڪنهن کي به ملڪ ۾ بدامني پکيڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان قومي دولت چوري ڪري ملڪيتون ??اهڻ جي لاءِ اقتدار ۾ نه آيو هو. هن چيو ته ماضي ۾ پاڪستان ۾ 400 ڊرون حملا ڪيا ويا جڏهن ته وزيراعظم عمران خان قوم کي ڪنهن جي آڏو جهڪڻ جي اجازت نه ڏني آهي. هن چيو ته اسان سمورن ملڪن سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون ??ر قومي وقار تي ٺاهه نه ڪنداسين. مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر غلاماڻو ذهن رکندڙ آهي جيڪا عالمي برادري آڏو ڳالهائي به نه ٿي سگهي. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان پوري دنيا ۾ بهادري سان پاڪستان جي عزت ۽ احترام ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هن وقت پوري دنيا کي ناڻي واڌ درپيش آهي. تيل جي عالمي قيمتن ۾ اضافي جي باوجود حڪومت پيٽروليم مصنوعات جون ??يمتون گهٽ ڪيون آهن. فرخ حبيب چيو ته مختلف معاشي مسئلن تي ضابطو آڻي ملڪ صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي جن بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي آهي اهي سمورا بدعنوان آهن.