اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مطابق ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام جي رد نه ٿيڻ جوڳي خود اراديت واري حق کي حاصل ڪ??ڻ لاءِ انهن جي م??صفاني جدوجهد جي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو، ڀارت والاريل ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي م??ظر نامي کي بدلائڻ لاءِ 5 آگسٽ 2019ع کا?? هڪ مسلسل مهم جو آغاز ڪري چڪو آهي، ڄمون ڪشمير ۾ ٻاهر جي ماڻهن کي ڊوميسائل سرٽيفيڪيٽ جاري ڪري، ووٽر لسٽن ۾ عارضي رهائشين کي داخل ڪرڻ، اسيمبلي تڪن ۾ ت??دي??يون ۽ زمين ۽ جائيداد جي م??ڪيت جي قانونن ۾ ترميمون ان مهم جو حصو آهن. اهي قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت آصف علي زرداري اهڙن خيالن جو اظهار يوم استحصال 5 آگسٽ 2024ع جي م??قعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اڄ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضو مستحڪم ڪرڻ جي م??م کي 5 سال پورا ٿي رهيا آهن، غير قانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت ڪمزور ڪ??ڻ لاءِ اڄ کا?? 5 سالن پهريان ڀارت ڪيترائي هڪ طرفا ۽ غير قانوني قدم کنيا. هن چيو ته لکين ڀارتي فوجين جي مسلسل موجودگي سبب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير دنيا جي سڀ کا?? وڌيڪ فوجي علائقن مان هڪ آهي، ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي وڏي پيماني تي دستاويزي ۽ عالمي سطح تي مذمت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪشميري صحافين ۽ انساني حقن جي محافظن سان ناروا سلوڪ اختلافي آوازن کي خاموش ڪرائڻ لاءِ ڀارت جي ڪنهن به حد تائين وڃڻ جي آمادگي کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کا?? هاڻي تائين جي قدمن سان عالمي قانون، ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي مڪمل ڀڃڪڙي ڪندو رهيو آهي، ڀارت جي داخلي قانون سازي ۽ عدالتي فيصلا ڪشميري عوام جي م??صفاڻي جدوجهد کي دٻائي نه ٿا سگهن. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کا?? ڪشميري عوام گڏيل قومن طرفان پنهنجي واعدن جي تڪميل لاءِ منتظر آهن. عالمي برادري ڀارت تي زور ڀري ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري ۽ سلامي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. صدر مملڪت پاڪستان جي ان اصولي م??قف جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مطابق ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي رد نه ٿيڻ جوڳي خوداراديت واري حق کي حاصل ڪ??ڻ لاءِ انهن جي م??صفاڻي جدوجهد جي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.