اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته توانائي جي وڌندڙ قيمتن کي منهن ڏيڻ ??ي ل??ءِ سڀني ??ي ل??ءِ لاڀائتو حل ڳولڻو پوندو، ڪيپسٽي چارجز جي مسئلي جو قابل عمل حل تيار ڪرڻ ??ي ل??ءِ ڪاروباري برادري هڪ ڪميٽي جوڙي، ڪميٽي توانائي جي شعبي جي مسئلن جي حل ل??ءِ صدر جي آفيس سان گڏجي ڪم ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري ڊاڪٽر گوهر اعجاز جي قيادت ۾ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد کي خطاب ڪري رهيو هو. وفد ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ واپارين ۽ 40 علائقائي ڪاروباري تنظيمن جي عهديدارن شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته صدر جي آفيس ڪاروباري برادري جي ڪميٽي سان هر ممڪن تعاون ڪندي، حڪومت، عوام، واپاري برادري، پيداواري ڪمپنين سميت سڀني ??ي ل??ءِ لاڀائتو حل ڳولڻ گهرجي، متفقه حل تيار ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن ڌر کي نقصان نه ٿئي. صدر چيو ته پاڪستان جي ڪاروباري ادارن کي درپيش مسئلن کان آگاهه آهيان، ادراڪ آهي ته م??انگي کاڄرو مال، توانائي ۽ ٻارڻ جي ڪري ڪاروباري شعبي کي مشڪلاتون درپيش آهن. هن چيو ته توانائي جي وڌندڙ قيمتن سان عوام، صنعتن، زراعت ۽ روانگي واپار جي شعبي تي بار پئجي رهيو آهي، توانائي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ??ي ل??ءِ توانائي شعبي ۾ سڌارن جي ضرورت آهي. اعجاز گوهر جو چوڻ هو ته صدر کي درخواست آهي ته توانائي جي قيمتن جي معاملي ۾ مداخلت ڪري. صدر پاڪستان جي صنعتن ۽ ڪاروباري ادارن کي درپيش مسئلن جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر وفد کي مسئلن جي ح??، لاڳاپيل ڌرين آڏو معاملو اٿارڻ ۾ تعاون جو يقين ڏياريو.