بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين چيو آهي ته ??زي??اعظم عمران خان اڄ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان جي صدر ۽ چين جي ??زي??اعظم سان ملاقاتون ڪندو جڏهن ته ??زي??اعظم اڄ صدر شي جن پنگ پاران ملڪي سربراهن جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ پڻ شريڪ ٿيندو، اڄ ??زي??اعظم سان ڪراچي ۽ فيصل آباد ۾ پاڻي جي منصوبن جي حوالي سان چيني سيڙپڪارن جون ملاقاتون ٿينديون، ڪراچي ۾ ڪي فور منصوبي، حب ڪينال جڏهن ته فيصل آباد ۾ واٽر ٽريٽمينٽ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه مڪمل ٿي آهي. ??زي??اعظم عمران خان جي چين جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته ??زي??اعظم اڄ چين جي صدر پاران ملڪي سربراهن جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ شرڪت ڪندو، ??زي??اعظم عمران خان جي اڄ شام جو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان جي صدر ۽ چين جي ??زي??اعظم سان ملاقات ٿيندي. هن چيو ته گذريل ڏينهن چين جي سرمائي اولمپڪس ۾ پاڪستان جي ٽيم پهريون ڀيرو شريڪ ٿي، پاڪستاني ٽيم جي چين جي عوام پاران شاندار آجيان ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن جي عوام جي هڪ ٻئي لاءِ محبت جي اظهار تي ٻڌل آهي. چيني سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ??زي??اعظم عمران خان جي ٿنڪ ٽينڪس سان به ملاقات ٿي، ??زي??اعظم زور ڏنو ته دنيا هڪ ٻي سرد جنگ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، پاڪستان چين ۽ آمريڪا ??ي وچ ۾ تڪرار حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ??زي??اعظم سڀاڻي چين جي صدر شي جن پنگ سان ون آن ون ملاقات ڪندو، صدر شي سان اڄ مانجهاندي ۾ پڻ ملاقات ٿيندي. ان ملاقات ۾ پاڪستان جي مستقبل جي لاڳاپن جي حوالي سان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اڄ ??زي??اعظم سان پاڪستان جي اقتصادي لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.