اسلام آباد – 22 آڪٽوبر اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير ??ينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر ڪراچي ۾ مزار قائد جي بي حرمتي ۽ جرم تي ڌيان بدران اف??ات??ري ۽ غير يقيني وڌائڻ چاهي ٿي، سنڌ جو وڏو وزير ??ه مڃي رهيو آهي ته اتي غلط ڪيو ويو آ??ي، ائين ڪندڙن کي سزا ڏيارڻ بدران الٽو سياست ڪئي پئي وڃي، اتي هڪ نااهل ۽ ڪرپٽ حڪو??ت آ??ي، توهان نتيجن جي پرواهه ڪري رهيا آهيو. سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪند?? وفاقي وزير چيو ته اسان پارليامينٽ ۾ ويٺل آهيون ۽ افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اهڙي پارٽي جنهن قائداعظم جي نالي تي پنهنجو نالو رکيو آ??ي، ان جي اڳواڻ جي ناٺي قائداعظم جي مزار جي بي حرمتي ڪئي ۽ اهڙو رويو اختيار ڪيو جنهن کي پيپلزپارٽي جو وزير ??عليٰ به مڃي رهيو آهي ته غلط ڪيو آهي جنهن تي ان جي خلاف ڪيس ٺهي ٿو، جرم تي ڌيان بدران ۽ اهو ڏسڻ بدران ته ان کي ڪهڙِي سزا ملڻ گهرجي ته ان اهڙو رويو اختيار ڪيو ۽ هُل هنگامو ڪيو، الٽو مخالف ڌر سياست ڪري رهي آهي.