اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چين سان پاڪستان جي ٻه طرفي لاڳاپن کي اطمينان بخش قرار ڏيندي چيو آه?? ته هر آزمائش تي پورو لهندڙ تزويراتي تعاون تي ٻڌل اسان جي حصيداري مضبوط کان مضبوط ٿيندي پئي وڃي، چين جي بنيادي قومي مفادن جي سلسلي ۾ پاڪتسان ان جي حمايت جاري رکندو، عوامي جمهوريه چين جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي چيني وزيراعظم جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغا?? ۾ ??زيراعظم عمران خان چيو ته هو حڪومت پاڪستان، عوام ۽ پنهنجي پاران دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪري ٿو، هن چيو ته پهرين آڪٽوبر 1949ع تي نئين چين جي قيام تاريخ ۾ يادگار حيثيت رکندڙ آه??، چين ڪميونسٽ پارٽي جي زير ق??ادت اعتدال پسند، خوشحال معاشري جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ تيار آه??، وزيراعظم چيو ته اها ڳا??هه خوشي جوڳي آه?? ته پاڪ چين ٻه طرفا لاڳاپا سدائين مستحڪم رهيا، پاڪ چين ٻه طرفي تعاون تي ٻڌل تذويراتي حصيدار مضبوط کان مضبوط ٿيندا رهيا آه??