اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ سڀئي صلاحيتون استعمال ۾ آڻي رهيا ??هيون، موجوده حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، پاڪس??ان جي 22 ڪروڙ عوام مظلوم ۽ معصوم ڪشميرين س??ن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، عالمي برادري جي خاموشي اسان کي ترغيب ڏي ٿي ته ڪشميرين جي لاءِ جيڪو به ڪرڻو ??هي اهو اسان کي ڪرڻو ??هي، وزيراعظم عمران خ??ن ڪشمير جو وڪيل ۽ سفير بڻجي عالمي سطح تي ڪشمير مسئلي کي بهترين انداز ۾ اجاگر ڪيو آهي. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.