اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) احساس صارفين جي مفادن جي تحفظ کي نظر ۾ رکندي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سائيبر ڪرائم ونگ جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آ??ي، سائبر ڪرائيم ونگ بي آءِ ايس پي ۾ قائم ڪيو وي??دو، ونگ جي قيام سان انهن سڀني ڪرپٽ عنصرن سان سختي سان منهن ڏنو وي??دو، جيڪي معصوم عوام کي دوکي ۽ جعلسازي ذريعي احساس امداد جي حوالي سان بيوقوف بنائيندا آهن، اهي ڪرپٽ عنصر ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي مدد سان م??ڻه?? کي جعلي ميسيج ۽ ٻين هٿ ڪنڊن جي ذريعن ڦريندا آهن، ڊاڪٽر ثانيه نشتر احساس مينيجمينٽ کي ان ونگ جي جوڙجڪ جي عمل کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آ??ي.