اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي ا??ين گنڊاپور چيو آهي ته عالمي برادري ڪشميرين کي ??نهن جو بنيادي حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، مودي جي فاشسٽ حڪومت ڪشميرين کي ??نهن جي پيدائشي ۽ گڏيل قومن جي مڃيل ريفرنڊم جي حق کان طاقت جي زور تي محروم ڪري رکيو آهي، ڪشميري ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارتي ڏاڍ ۽ سازشن جي خلاف جدوجهد ڪري رهيا آهن. اي پي پي کي ڏنل پنهنجي ا??ٽرويو ۾ هن چيو ته ڀارت پار??ن ڪشمير ۾ غيرانساني سلوڪ ان ڳالهه جو گهرجائو آهي ته عالمي برادري هاڻي خرگوش جي خواب مان بيدار ٿئي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جو ڏينهن ڪشمير جي تاريخ ۾ هڪ ٻيو ڪارو ترين ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڪشميرين جي خاص حيثيت جو خاتمو ڪيو. معصوم ڪشميرين جو فوجي گهيراءُ، تشدد، بدترين ڪر??يو ۽ ماڻهن جي قتل س??ن ڪشميرين جون زندگيون بدترين صورتحال ۾ ورتل آهن. هن چيو ته پاڪست??ن ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.