اسلام آباد – 11 جو??اء?? (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آبادي ۾ تمام ??هڻي اضافي سان اسان جي معيشت جي ترقي ۽ دستياب وسيلن تي دٻاءُ وڌندو، ان بدقسمتي سان اسان جي قوم غربت، ڄم جي خراب صورتحال، غذائي کوٽ جي نه ختم ٿيندڙ سلسلي کي منهن ڏي??دي?? مي??يا ۽ عالم سڳورن کي ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي ??اء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادي جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي ٽوئيٽس ۾ ڪيو. صدر چيو ته آبادي ۾ تمام ??هڻي اضافي سان اسان جي معيشت جي ترقي ۽ دستياب وسيلن تي دٻاءُ وڌندو. ان بدقسمتي سان اسان جي قوم غربت، ڄم جي خراب جي صورتحال، غذائي کوٽ جي نه ختم ٿيندڙ سلسلي کي منهن ڏيندي. هن چيو ته اسان کي 24 کان 36 مهينن جي ٻار کي ماءُ جو کير پيارڻ کي فروغ ڏيڻ گهرجي. اهو قدرتي عمل به آهي ۽ قرآن پاڪ مطابق به آهي. ان عرصي دوران ماءُ خوراڪ جي کوٽ شڪار نه ٿيندي ۽ ٻار جي واڌويجهه به متاثر نه ٿي??دي?? ان حوالي سان عالم سڳورن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وزيراعظم ان کي قومي هنگامي صورتحال قرار ڏئي مون کي پاپوليشن ٽاسڪ فورس جو سربراهه بڻايو.