اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري مع??شت کي استحڪ??م ڏيڻ ۽ ترقي جي راهه تي ملڪ کي گامزن ڪرڻ جون ڪوششون متاثر ٿيو?? آهن، حڪومت انهن شعبن کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي جن سان معاشي عمل کي فروغ ملي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿين، غيرترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ سڌارن جي عمل کي تيز ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مالي سال 21 – 2020ع جي بجيٽ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ناڻي واري صلاحڪار جي قيادت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم وزيراعظم کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي اوڳاڙين، خرچن ۽ ان حوالي سان زميني حقيقتن کي سامهون رکندي حڪومت جي ترجيحن کي عملي جامعو پارائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني.