اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ بنيادي ضرورتن جي شين جي قيمتن ۾ استحڪام ۽ انهن ۾ ممڪن حد تائين گ??ٽت??ئي آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هن ??دا??ت ڪئي ته ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٻين ضرورت جي شين جي ذخيري جا حقيقي تفصيل ۽ طلب ۽ پهچ جي حوالي سان صحيح ڪاٿن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن بنيادي شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڳواٽ انتظام ڪ??ي سگهجن، اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي حوصلا شڪني ۽ روڪٿام تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، صوبائي حڪومتون ڪڻڪ جي قيمتن ۾ گ??ٽت??ئي آڻڻ جي حوالي سان تجويزن تي فوري طور تي غور ڪن ته جيئن ان جو باقاعده اعلان ڪ??ي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بنيادي ضرورتن جي شين جي قيمتن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.