نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح خالد الحامد الصب??ح سان پنهنجي ملاقات کي انتهائي لاڀائتو قرار ڏيندي چيو آهي ته ان ملاقات ۾ اسان جي گڏيل لاڳاپن ??و مجموعو ڪاٿو خاص طور تي سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، اسان کي ڪويت سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح خالد الحامد الصب??ح سان انتهائي ڪارائتي ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي م??موعي ڪاٿي خاص طور تي سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي تعاون ۽ عوامي وفدن جي مٽاسٽا جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم چيو ته هن ڪويتي ولي عهد کي پ??ڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، اسان کي ڪويت سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي ۽ اسان ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ معاشي سيڙپڪاري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون.