اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا ٿري گارجز جي وفد ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 6 لک 50 هزار ڊالر جو چيڪ ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد جي قيادت پاڪ??تا?? ۾ چين جو سفير نونگ رونگ ڪري رهيو هو. چائنا ٿري گارجز جي چيئرمين ووشينگ ليان وزيراعظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ چيڪ ڏنو. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته چائنا ٿري گارجز تحت ??رو?? هائيڊرو پاور پراجيڪٽ گذريل ٽن مهينن کان پوري صلاحيت سان هلي رهيو آهي. ??رو?? هائيڊرو پاور پراجيڪٽ سي پيڪ فريم ورڪ تحت لڳايو ويندڙ پن بجلي جو اهم منصوبو آهي جنهن تحت 720 ميگاواٽ ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت واري بجلي پيدا ٿي رهي آهي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ ڀرپور مالي مدد ??را??م ڪرڻ تي چين جي صدر شي جن پ??گ، چيني ڪمپنين ۽ چين جي عوام جا دل سان ٿورا مڃيا. وزيراعظم چائنا ٿري گارجز کي ??رو?? هائيڊرو پاور پراجيڪٽ کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ ۽ ان منصوبي کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو ۽ پاڪ??تا?? ۾ ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت پن بجلي جي ??را??مي تي ان جي ڪوششن کي ساراهيو.