اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلامي ملڪن جي يونيورسٽين جي وچ ۾ تحقيق جي ف??وغ ۽ ثقافتي ۽ تعليمي ??دا??ن جي مدد جي لاءِ ??عاون وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڻي وسيلن جي انتظام، ماحوليات سان لاڳاپيل مسئلن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ تعاون تي ڌيان وڌايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر سليم ايم الملڪ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ پنهنجي وفد جي ميمبرن سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد ۽ صدر جو سيڪريٽري وقار احمد پڻ موجود هئا. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر سليم ايم الملڪ کي اسلامي ملڪن جي وچ ۾ تعليم ۽ تحقيق جي شعبن ۾ تعاون کي ف??وغ ڏيڻ جي لاءِ ??دمتن جي اعتراف ۾ قائداعظم يونيورستي پاران پي ايڇ ڊي جي اعزازي ڊگري عطا ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر 21 هين صدي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??الم اسلام پاران سائبر سيڪيورٽي ۽ مصنوعي ذهانت تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي روشني وڌي. هن چيو ته يونيورسٽين ??ي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي لاءِ ??نساني وسيلن کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن آن لائين تعليم کي ف??وغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو جيڪا گهٽ لاڳت هجڻ سان گڏوگڏ شاگردن جي لاءِ پهچ جوڳي به آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي اهي ته اسلامي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم، تعليم، سائنس ۽ ثقافتج ي شعبن ۾ اسلامي دنيا جي وچ ۾ تعاون ۽ حصيداري کي ف??وغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اهو موجوده دور جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ وڌيڪ ٺوس اسلامي ڪميونٽي جي تعمير جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.