اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان الس??ود سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سعودي عرب ۽ ايران جي و?? م لاڳا??ن کي معمول تي آڻڻ بابت تازي ”ٽه ڌريي گڏيل بيان“ جي ذريعي اعلان تي سعودي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني ۽ ان مثبت اڳڀرائي تي سعودي عرب جي قيادت کي ساراهيو. پرڏيهي وزير چيو ته اهو معاهدو پوري خطي ۾ امن، سلامتي، واپار ۽ ترقي جي لاءِ بامعنيٰ ڳالهين جي شروعات جي راهه هموار ڪندو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي و?? ۾ ڀائراڻن لاڳا??ن کي ورجائيندي ٻطرفي اسٽريٽجڪ حصيداري کي و??يڪ سگهه ڏيڻ ۽ متنوع بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي و?? ۾ لاڳا??ن کي مضب??ط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهم ڪردار تي پڻ زور ڏنو.