اسلام آب??د – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب عدالت جي ٻ??هر صحافين سان پوليس جي بدسلوڪي جي شديد مذمت ڪندي وف??قي گهرو وزير راڻا ثناءُ کي واقعي جو سختي سان نوٽيس وٺڻ جي درخواست ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ۽ پوليس جو صحافين تي تشدد انتهائي مذمت جوڳو آهي، صحافين سان معذرت ڪريان ٿي، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله سان معاملي تي ڳالهه ڪئي آهي، گهرو وزير کي درخواست ڪئي آهي ته صحافين سان ان واقعي تي معذرت ڪئي وڃي. هن چيو ته گهرو وزير ڪارروائي ڪري ته پوليس تماشائي ڇو بڻيل رهي؟ حملي آورن جا هٿ روڪڻ بدران ميڊيا کي نشانو بڻائيندڙن جو تعين ڪيو وڃي. هن چيو ته گيٽ پي ٽي آءِ جا فسادي ٽوڙين ۽ ڏنڊا بيگناهه صحافي کائين، ائين نه هلن??و. ??ن چيو ته پيشيواراڻيون ذميواريون سرانجام ڏيندڙ صحافين تي تشدد افسوس جوڳو ۽ ناقابل قبول آهي. صحافي هر طرح جي سخت ۽ مشڪل حالتن ۾ عوام کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ قابل قدر ڪم ڪن ٿا، صحافين جو احترام ۽ انهن کي فرض سرانجام ڏيڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي.