اسلام آباد– 01 – فيبروري (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميانوالي جي ٿاڻي مڪڙوال تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پنجاب پوليس کي شاباش ڏيندي غير معمولي بهادرري جو مظاهرو ڪندڙ پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي انعام ۽ تعريفي سرٽيفيڪٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته دهشتگردن کي ڀڄائيندڙ پنجاب پوليس جي آفيسرن ۽ نوجوانن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. پوليس دهشتگردي ۽ ڏوهن جي خاتمي ۾ اسان جو قا??ل فخر هر اول دستو آهي. دهشتگردن جي خلاف ??ڄي قوم ۽ ادارا متحد ۽ هڪ آواز آهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي ۾ پنجاب پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي ڪردار ۽ جذبي تي ??ڄي قوم کي فخر آهي. پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي وڌيڪ مضبوط ۽ جديد هٿيارن سان ليس ڪنداسين. ??ڄي قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجي بهادر فورسز سان گڏ ??هي.