اسلام آباد??? 01 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب ٿاڻي مڪڙوال ميانوالي ۾ دهشتگرد حملو ناڪام بڻائڻ تي پنجاب پوليس کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پنجاب پوليس ۽ سي ٽي ڊي جو جذبو ۽ ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي و??ير مريم اورنگزيب چيو ته اڳوڻي و??يراعظم نواز شريف ۽ وڏي و??ير شهباز شريف دهشتگر??ي جي خاتمي لاءِ پنجاب پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي جديد هٿيار ۽ تربيت سان موثر فورس بڻايو. دهشتگر??ي جي خاتمي لاءِ پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي جديد هٿيارن، ٽيڪنالاجي ۽ تربيت سان وڌيڪ مضبوط بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته قوم کي پنهنجي فورسز تي فخر آهي. دهشتگر??ي جي خلاف آفيسرن ۽ جوانن جي جذبي کي سلام پيش ڪريون ٿا.