اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي بندش جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطح جي جاچ جو حڪم ۽ وفا??ي وزير کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي بندش جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏ??ن ته وزيراعظم جاچ جي ??اءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم توانائي واري وفا??ي وزير خرم دستگير خان ک??ن فوري رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي ايڏي وڏو بحران پيدا ٿيڻ جي سببن ک??ن آگاهه ڪيو وڃي ۽ ان جي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي. وزيراعظم ملڪ ۾ بجلي جي ??وري بحالي جو حڪم ڏيندي چيو ته عوام کي مشڪلاتون ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين.