اسلام آباد ??? 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد ا??نهيان جي دعوت تي اڄ اعليٰ سطح?? وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گڏيل عرب امارات ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد ا??نهيان سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، وا??اري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ يو اي اي ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ بابت معاملا بحث هيٺ ايندا. ٻئي اڳواڻ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي وزيراعظم ۽ نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد ا??مڪتوم سان به ملاقات ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم وا??ار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ اماراتي وا??ارين ۽ سيڙپڪارن سان به ملاقاتون ڪندو.