ڪراچ?? – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي ناليواري صنعتڪار مرحوم ايس ايم منير جي گهر ويو ۽ سندس لاڏاڻي تي گهرڀاتين س??ن تعزيت جو ??ظه??ر ڪيو. ان موقعي تي خاتون اول ثمينه علوي پڻ ساڻس گڏ هئي. صدر مرحوم جي ڀائرن ۽ پٽن س??ن تعزيت جو ??ظه??ر ڪيو. صدر فاتحه خواني ڪئي. هن چيو ته ايس ايم منير سندس وڏي ڀاءُ وانگر هو. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.