اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اکين ??ان محروم شخص کي امتحان جو موقعو ڏيڻ ??ان انڪار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي منشيات جي خاتمي واري فورس (اي اين ايف) کي ڇنڊ پٽي آهي، صدر معاملو وفاقي محتسب ڏانهن موڪل?? ڇڏيو ۽ 30 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اکين ??ان محروم اميدوار سليمان ارشد منشيات جي خاتمي واري فورس ۾ بطور اسسٽنٽ ڀرتي ٿيڻ جي لاءِ درخواست ڏني هئي، اميدوار کي اکين ??ان محروم هجڻ ۽ اسسٽنٽ جا فرض سرانجام ڏيڻ ??ان قاصر هجڻ جو چئي ممتحن امتحان مان ڪڍ?? ڇڏيو هو، سليمان ارسد (شڪايت ڪندڙ) وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي هئي. صدر اي اين ايف جي عملي پاران امتحان وٺن ??ان انڪار کي بدانتظامي قرار ڏئ?? ڇڏيو. هن چيو ته اهڙن قدمن سان اسان خصوصي ماڻهن کي قوم تي سماجي بار بڻائ?? ڇڏينداسين، ڪجهه ته احساس ڪريو، خصوصي ماڻهن کي معاشري جو حصو بڻائڻ، روزگار جي قابل بڻائڻ جي لاءِ خصوصي ڪوششون ڪرڻ جي ض??ورت آهي. هن چيو ته بطور صدر بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ اکين ??ان محروم ماڻهن کي صدارتي ايوارڊز ڏئي چڪو آهيان، عالمي سطح تي غيرمعمولي ڪم ڪندڙ اکين ??ان محروم پاڪستانين جا سوين مثال موجود آهن. صدر چيو ته بصارت ??ان محروم وڪيل يوسف سليم 2018ع ۾ پاڪستان جو پهريون اکين ??ان محروم جج بڻيو، صائمه سليم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حمايت ۾ زوردار تقرير ڪئي، ميڊيا ۾ جڳهه ٺاهي ۽ پاڪستان جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو، پاڪستان جي تختي جي پٺيان ويهي صائمه سليم بريل ۾ لکيل تقرير پڙهي ۽ هو سمورين ڪئميرامين جي نگاهن جو مرڪز هئي. صدر عارف علوي چيو ته ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ فوڊ آئوٽ ليٽس موجود آهن جيڪي مڪمل طور تي اکين ??ان محروم ماڻهو هلائي رهيا آهن. هن چيو ته اي اين ايف جي عملي جو رويو مذمت جوڳو آهي، جهالت ۽ تعصب تي ٻڌل آهي، ممتحن اميدوار کي پنهنجي مهارت جو مظاهرو ڪرڻ يا شنوائي جو موقعو ڏيڻ کانسواءِ رد ڪر?? ڇڏيو، اي اين ايف جو اکين ??ان محروم شخص جو سيڪريٽريٽ جي ملازمت جي لاءِ غيرموزون هجڻ جو موقف جهالت تي ٻڌل آهي، اي اين ايف شڪايت ڪندڙ جو معائنو ڪرڻ ۽ فٽنس جو تعين ڪرڻ جي لاءِ ميڊيڪل بورڊ کي ڪيس موڪلڻ کانسواءِ موقعو ڏيڻ ??ان انڪار ڪيو، اي اين ايف جو قدم انساني حقن جي سراسر خلاف ورزي آهي. صدر چيو ته پاڪستان صنفي ۽ معذوري سميت هر قسمجي فرق جي خلاف ڪيترن ئي عالمي چارٽرز ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن. هن چيو ته وفاقي محتسب ان بنيادي رخن تي غور نه ڪيو، ڪيس کي ٻيهر ٻڌڻي ۽ ميرٽ تي فيصلو ڪرڻ جي لاءِ محتسب جي حوالي ڪيو وڃي ٿو. صدر معاملو وفاقي محتسب ڏانهن موڪل?? ڇڏيو ۽ 30 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. تفصيل موجب سليمان ارشد 19 نومبر 2020ع تي شايع ٿ??ند?? اشتهار تي اي اين ايف ۾ اسسٽنٽ جي نوڪري تي ڀرتي جي لاءِ درخواست ڏني، ان موجب ٽيسٽ واري ڏينهن امتحان واري جڳهه تي پهچڻ کانپوءِ اي اين ايف جي لاڳاپيل آفيسر ان کي امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت نه ڏني ۽ چيو ته هو اکين ??ان محروم آهي ۽ اسسٽنٽ جا فرض سرانجام نه ٿو ڏئي سگهي، ان کانپوءِ هن وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو ۽ درخواست ڪئي ته ان معاملي تي اکين ??ان محروم شخص اسسٽنٽ جا فرض سرانجام نه ٿو ڏئي سگهي، جي حوالي سان فيصلو ڪيو وڃي. شڪايت ڪندڙ اي اين ايف جي نمائندي جا دليل ٻڌا ۽ ان جو جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو. ان کانپوءِ هن صدر وٽ اپيل داخل ڪئي جنهن تي صدر وفاقي محتسب کي معاملو ٻيهر ميرٽ تي ٻڌڻ جو حڪم ڏنو.