اسلام آباد- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته ماحولياتي تبديلين سبب زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، ??اڪستان ??ي موسمياتي تباهڪارين سبب 32 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، ڪيترائي ضلعا ٻوڏ سبب مڪمل تباهه ٿي ويا، تيزي سان ٿيندڙ موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان شديد متاثر ملڪ آهي. انهن خيالن جو اظهار هن واٽر ويڪ 2022ع ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تباهڪارين کي منهن ڏئي رهيو آهي، گليشئر ڦاٽي رهيا آهن، پاڻي جي کوٽ ۽ هيٽ وويو کي به منهن ڏئي رهيو آهي، ??ي سڀئي تبديليون پاڪستان ??ي شديد متاثر ڪري رهيون آهن. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، ??اڪستان ??ي ماحولياتي تباهڪارين سبب 32 ارب ڊالرن جو نقصان ??يو. ڪيترائي ضلع ٻوڏ سبب مڪمل تباهه ٿي ويا. هن چيو ته تيزي سان ٿيندڙ ماحولياتي تبديلين سبب پاڪستان شديد متاثر ملڪ آهي، ??وسمياتي تبديلين سبب پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، سانوڻي ۾ موسمياتي تبديلين سبب گرمي پد ۾ شدت آئي. هن چيو ته ٻوڏ سبب هڪ ملين کان ??وپايو مال مري ويو، زرعي تباهي جو منهن ڏسڻو پي?? جنهن سبب فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو ٿيو، ڪلائميٽ سمارٽ اگريڪلچر جي ضرورت آهي، ??اڪستان ۾ دنيا جو وسيع ترين ايريگيشن سسٽم آهي، زرعي پيداوار جو دارومدار پاڻي تي آهي، ??اڻي، ??وڊ ۽ ايڪوسسٽم لاءِ پاڪستان حڪومت نيشنل واٽر پاليسي جي منظوري ڏني، ??اٽر ريسورسز سيڪٽر لاءِ اسان پي ايس ڊي پي جو 12 سيڪڙو رکيو. هن چيو ته 2 ميگا ڊيم ديا مير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. نون ڊيمن جي سٽوريج گنجائش بهتر هوندي ۽ جيڪا پاڻي جي کوٽ ٿي آهي اها پهرين واري سطح تي اچي ويندي، انرجي سيڪيورٽي لاءِ حڪومت ماحول دوست هائيڊرو پاور منصوبا لڳائي رهي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ انويسٽر فرينڊلي پاليسيون پروموٽ ڪيون پيون وڃن. واٽر ڪنزرويشن لاءِ بلوچستان ۾ 100 ننڍا ڊيم ٺاهيا ويا آهن، بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب انهن ننڍن ڊيمن کي نقصان پهتو آهي.