نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري ه??گر?? جي واپار ۽ ??رڏ??هي وزير پيٽرز زيجارتو سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ??رڏ??هي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اها ملاقات نيويارڪ ۾ ٿي. ??رڏ??هي وزير چيو ته پاڪستان ه??گر?? سان ٻطرفن ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ملاقات ۾ ٻطرفن ل??ڳاپن جي سمورن شعبن تي غور ڪيو ويو جن ۾ سياسي، اقتصادي، واپاري، ثقافت، دفاع ۽ عوام سان عوام جي رابطن بابت معاملا شامل آهن. ٻنهي ڌرين ٻطرفن ل??ڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻطرفن واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ تي خصوصي ڌيان ڏيندي ??رڏ??هي وزير تجويز پيش ڪئي ته ه??گر?? پاڪستان ۾ سيڙپڪار دوست ماحول مان ??ائ??و کڻي پاڪستاني ڪمپنين سان خاص طور تي خصوصي اقتصادي زونز ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪري سگهي ٿو. ڌرين گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن جو به جائزو ورتو.