اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن تي زور ڏنو آهي ته اهي ملڪي تر??ي جي لا??ِ پاڻ ۾ فڪري تبديلي آڻين، نئين اڀرندڙ ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪن، نوجوان معيشت، واپار ۽ جم??ور?? قدرن جي بهترين لا??ِ قيادت فراهم ڪري سگهن ٿا، بوائز ۽ گرلز اسڪائوٽس، هلال احمر ۽ ٻين ادارن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ضرورت ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ يوٿ پارليامينٽ جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. هن چ??و ته نوجوان پاڻ ۾ فڪري تبديلي آڻين، نئين اڀرندڙ ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪن، نوجوان ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لا??ِ ٽيڪنالاجي جي محاذ تي ٿيندڙ ايجادن کان باخبر رهن. هن چ??و ته قائداعظم محمد علي جناح ملڪ جي نوجوانن کي خصوصي اهميت ڏيندو هو، قائداعظم نوجوانن تي فخر ڪندو ۽ انهن کي قوم جو معمار سمجهندو هو، نوجوان سمورن شعبن ۾ جديد ترين هنر سکن، فڪري سطح تي ٿيندڙ تبديلين کي اختيار ڪن، نوجوان معيشت، واپار ۽ جم??ور?? قدرن جي بهتري لا??ِ قيادت فراهم ڪري سگهن ٿا. هن چ??و ته آئين اسان سڀني جي لا??ِ اتحاد مقصد جو فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو، سموريون سياسي پارٽيون پنهنجي پنهنجي منشور موجب ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لا??ِ پرعزم آهن. صدر عارف علوي چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ مشاورت، جم??ور??ت ۽ محنت جي جذبي سان 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرين جي بحالي جو ڪم ضروري آهي. هن چ??و ته بوائز ۽ گرلز اسڪائوٽس، هلال احمر ۽ ٻين ادارن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ضرورت ??هي، نوجوان خون جا عطيا ڏين ته جيئن رتوڇاڻ ڪرڻ، حياتي بچائڻ جي لا??ِ خون فراهم ڪري سگهجي، عورتون ۽ نوجوان حڪومت جي اعلان ڪيل اسڪيمن ۽ مراعتن مان مڪمل طور تي فائدو کڻن. هن چ??و ته يوٿ پارليامينٽ جا ميمبر سي پي آر ۽ شروعاتي طبي امداد ۾ مهارت ??اصل ڪن. يوٿ پارليامينٽ جي باني چيئرمين رضوان جعفر يوٿ پارليامينٽ جا مقصد بيان ڪندي چيو ته ان ۾ سڄي ملڪ مان نوجوان ليڊرز جي نمائندگي شامل آهي. هن چ??و ته يوٿ پارليامينٽ جا سمورا ميمبر ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ لاڳاپيل ڌرين، انتظاميا ۽ ٻين ادارن سان گڏجي امدادي ڪمن ۽ عطيا گڏ ڪرڻ ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن. ان موقعي تي صدر يوٿ پارليامينٽ جا 17 سال مڪمل ٿيڻ تي يوٿ ليڊرز کي يادگاري سووينيئرز ڏنا.