اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد جي لاءِ قطر کان ام??ادي سامان کڻي هڪ اڏام پاڪستان پهچي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته قطر کان ام??ادي سامان کڻي هڪ اڏام جمعي ڏينهن پاڪستان پهچي وئي آهي. قطر کان انساني ام??اد جي پهرين اڏام ??و جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي استقبال سنڌ جي محنت واري صوبائي وزير سعيد غني، سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير محمد سجاد جوکيو ۽ قطر جي قونصل جنرل مشال الانصاري کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ ام??ادي سامان موڪلڻ جي آجيان ڪندي قطر جا ٿورا مڃيا.