اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي اهتمام هي?? 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڀارتي قدمن جي خلاف جمعي تي پرڏيهي آفيس کان پارليامينٽ هائوس تائين هڪ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ دف??ع وارو وزير خواجه محمد آصف، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، حريت ڪانفرنس جا اڳواڻ ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو ريلي ۾ شرڪت ٿيا. ان کان اڳ واڪ ۾ شريڪ ٿيندڙن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هي?? آيل جمون ۽ ڪشمير جي عوام سان گڏ يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ پرڏيهي آفيس ۾ گڏ ٿيا. جنهن کانپوءِ پرڏيهي آفيس ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي مناسبت سان زاهد زمان جي ملي نغمي کي جاري ڪيو ويو. ملي نغمو ڪشميرين جي خودمختياري واري حق ۽ ڀارتي خوني ??نبي کان آزادي جي جدوجهد مسلسل جاري رکڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ڪشمير جي حوالي سان اهو ملي نغمو زاهد زمان خصوصي طور تي تيار ڪيو آهي. ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن پرڏيهي آفيس کان شاهراهه دستور کان ٿيندا پارليامينٽ هائوس پهتا. والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن جي خلاف ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ڪشمير استحصال ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ ملهايو پيو وڃي. پرڏيهي وزارت مظلوم ڪشميرين سان اظهار ي??جهتي جي لاءِ اسلام آبا?? ءِ ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ڪيترن ئي پروگرامن جو اهتمام ڪيو آهي.