اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ساليانو 30 ارب ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو موڪليندا آهن، سياسي پا??ٽي کي نجي مليشيا رکڻ جي اجازت ناهي پر جي يو آئي ڏنڊا بردار فورس ٺاهي رکي آهي، ال??ڪشن ڪميشن ان جو نوٽيس وٺي، وزيراعظم عمرا?? خان آزاد پرڏيهي پاليسي تي يقين رکي ٿو، ماضي ۾ 400 ڊرون حملا ٿيا پر ڪنهن ملڪي سالميت لاءِ نه ڳالهايو، وزيراعظم هر فورم تي اسلاموفوبيا تي ڳالهه ڪئي، اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب اوورسيز پاڪستانيز انٽرنيشنل ڪنوينشن کي صدر ۽ وزيراعظم جي خطاب جي ??وا??ي سان پاڪستان تحريڪ انصاف انٽرنيشنل چيپٽر جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالله رياڙ سان گڏ پي ٽي وي هيڊڪوارٽر ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اوورسيز پاڪستانين عمرا?? خان کي وزيراعظم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هلندڙ سال رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو ٿيندو، اوورسيز پاڪستانين کي ڪو بااختيار بڻائڻ لاءِ تيار نه هو، اوورسيز سڀ کان وڏو مطالبو ووٽ جو اختيار هو، اسان جي حڪومت اوورسيز کي ووٽ جو حق ڏنو، پاور آف اٽارني کي حاصل ڪرڻ جو طريقو آن لائين ڪيو ويو، فرخ حبيب چيو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ ساڍا 3 ارب ڊالر جمع ٿي چڪا آهن، روشن ڊجيٽل اڪائونٽس جي بدولت اوورسيز گهر جي لاءِ بئنڪ مان قرض وٺي سگهن ٿا، اوورسيز پاڪستاني وزيراعظم سان ٿورن جو اظهار ڪرڻ چاهين ٿا، اسلام آباد ۾ 13، 14 ۽ 15 مارچ تي اوورسيز جو تاريخي ڪنوينشن ٿيندو، وزيراعظم عمرا?? خان ڪنوينشن کي خطاب ڪندو، ٻاهرين ملڪ پاڪستانين جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته اوورسيز پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، پا??ليامينٽ مع??ملي جي ??وا??ي سان هن چيو ته گهرو وزير پا??ليامينٽ واري مع??ملي کي ڏسي رهيا آهن، مخالف ڌر شڪست کاڌل انهن وٽ نمبرز پورا نه آهن، تحريڪ انصاف جي ڌرڻي دوران لاٺي چارج، دهشتگردي جا ڪيس ٿيا، مخالف ڌر حيلن بهانن سان لڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، سياسي پا??ٽيون آزاد آهن ۽ ڪنهن سان به ملاقاتون ڪري سگهن ٿيون. فرخ حيب چيو ته اتحادي اسان سان گڏ آهن.