اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي نئين چونڊيل صدر سردار ا??بر ڊوگر ۽ جنرل س??ڪر??ٽري سميت سمورن عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ?? هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ بار جو نئون صدر چونڊجڻ تي سردار ا??بر ڊوگر کي تمام گهڻي مبارڪاباد هجي. نئين چونڊيل جنرل س??ڪر??ٽري سميت سموري ٻي نئين چونڊيل باڊي کي پڻ مبارڪباد هجي. هن چيو ته اميد آهي توهان جو دور وڪيلن ۽ بئنچ جي وچ ۾ اتحاد ۽ ٻڌيءَ جو دور هوندو ۽ وڪيلن جي بهتري توهان جي لاءِ مقدم رهندي.