اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ادارن جي مضبوطي، شفافيت ۽ ميرٽ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان کي مضبوط، خوشحال ۽ پرامن بڻ??ئڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سا?? ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻاهرئي?? ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش مسئلن جي حل سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، عورتن کي بااختيار بڻ??ئڻ ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ ق??م کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ادارن جي مضبوطي، شفافيت ۽ ميرٽ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان کي مضبوط، خوشحال ۽ پرامن بڻ??ئڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا.