اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينئر ترين جج جسٽس ع??ر عطابنديال 28هين چيف جسٽس آف پاڪستان طور پنهنجي عهدي جو حلف کڻي و??تو آهي. ايوان صدر ۾ ٿيندڙ هڪ پروقار تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي کائنس حلف ورتو، تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. جڏهن ته تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي، قانون ۽ انصاف واري وفاقي و??ير بئريسٽر ڊاڪٽر نسيم فروغ، سميت ٻين وفاقي و??يرن ۽ مملڪتي و??ير، پارليامينٽ جي ميمبرن، ججن، وڪيلن جي تنظيمن جي عهديدارن ۽ سول فوجي عملدار شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جسٽس ع??ر عطابنديال چيف جسٽس جي طور تي مقرري جو نوٽيس به پڙهي ٻڌايو. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس ع??ر عطابنديال کي چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر ڪيو ان جي مقرري جو نوٽيف??يش?? 2 فيبروري کان لاڳو هوندو، ان کان پهرين چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار حسين پهرين فيبروري تي پنهنجي ملازمت جي مدت پوري ڪرڻ کانپوءِ رٽائر ٿي ويو هو.