اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وا??ي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته حڪومت تي تنقيد ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، اسان کان ڇهوڻ تي وڏو ملڪ اسان کان ڊنل آهي، ڪورونا تي موجوده حڪومت جي واکاڻ صحت جي عالمي اداري، عالمي اقتصادي فورم ۽ اڪانومسٽ ڪئي آهي، اسان پاڻ اشتهار ناهن ڇاپيا. قومي اسيمبلي ۾ مس??م ليگ (ن) جي خواجه محمد آصف جي نڪتن جو جواب ڏيندي هن چيو ته مخالف ڌر کي جيڪا تڪليف ٿي رهي آهي ا?? جي اسان کي خبر آهي، ڪجهه مهينن ۾ هڪ طوفان مچائي ڇڏيو آهي ته حڪومت جا آخري ڏينهن اچي ويا آهن پر اڄ پوري قوم ڏٺو ته آرڊيننس جي توسيع ۾ ووٽنگ تي ان جا صرف 3 ميمبر اٿي بيٺا، اهي پنهنجي ميمبرن کي اٿاري بيهاري نٿا سگهن ته عوام کي ڪهڙي طرح متحرڪ ڪري سگهندا. اسد عمر چيو ته مس??م ليگ (ن) جي حڪومت ۾ سندس وزيراعظم ۽ دفاع وا??و وزير مالهي، ڌوٽي ۽ نائي جي اقامن تي نوڪريون ڪري رهيا هئا، هنن مسلمان?? جي رت جي پياسي ۽ قاتل نريندر مودي کي پنهنجي گهر گهرايو، ا?? جي لاءِ ساڙهيون موڪليون، اهي ماڻهو قومي سلامتي جي ڳالهه ڪندي سٺا نٿا لڳن، اسد عمر چيو ته ڏيڍ سال پهرين جڏهن ڪورونا آيو ته هڪ صاحب جيڪو لنڊن ڀڄي ويو هو، پنهنجي سي وي کي اپ ڊيٽ ڪندي لنڊن مان واپسي آيو پر کيس مايوسي ٿي، فرق صرف ايترو آهي ته جڏهن اهي ڊينگي تي ڪم ڪري رهيا هئا ته پاڻ پنهنجا اشتهار ڇاپي رهيا هئا، ڪورونا تي اسا?? جي واکاڻ صحت جو عالمي ادارو، عالمي اقتصادي فورم ۽ اڪانومسٽ ڪئي آهي، گذريل سروي ۾ 86 سيڪڙو پاڪستانين قرار ڏنو ته ڪورونا تي حڪومت بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ م????م ليگ (ن) پنج پنج سال حڪومتون ڪيون، اهي نااهل حڪومتون هيون، 10 سالن ۾ هن ايوان مان هڪ روپئي جي ترقياتي بجيٽ منظور ناهي ٿي، اسا?? جي حڪومت 400 ارب روپي?? جي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني ۽ ايندڙ 6 مهينن ۾ وڌيڪ 600 ارب روپي?? جي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي، هن چيو ته خواجه آصف ايڪسپائر آرڊيننس جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ان تي اسپيڪر جي رولنگ اچي چڪي آهي پر آئون اهو پڇڻ چاهيان ٿو ته هڪ ايڪسپائر سياستدان جون تقريرون ٻڌڻ اسان تي لازمي آهي يا نه، هن چيو ته خواجه آصف خيبرپختونخوا جي بلدياتي چونڊ?? جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آهي، ان تي جيڪڏه?? جي يو آءِ جا ميمبر ڳالهه ڪن ها ته ان ۾ وزن هجي ها، تحريڪ انصاف اڪيلي 15 تعلقا کٽيا آهن، پيپلزپارٽي، مس??م ليگ ن ۽ اي اين پي گڏجي 9 تعلقا کٽيا آهن، هن چيو ته اسا?? جي اها پارٽي آهي جنه?? جي اڳواڻ چيو هو ته پاڪستان طرف ميري اک سان ڏسندڙن کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هن حڪومت دشمن جو جهاز ڪيرائي پائليٽ کي چانهه پياري ذليل ڪري ڇڏيو، اسان کان ڇهوڻ تي وڏو ملڪ اسان کان ڊنل آهي، ا?? جي باوجود ان پارٽي جي هڪ اڳواڻ هن ايوان ۾ چيو ته خوف سان ٽنگون ڏڪي رهيون هيون، هن چيو ته ملڪي سلامتي جي حوالي سان موجوده حڪومت تي تنقيد ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي.