اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪس??ان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مسيحي برادري جي ڪردار کي سا??اه??ندي چيو آهي ته پاڪس??ان جي قيام جو وڏو مقصد اقليتن جي حقن جو تحفظ هو، ق??ئد??عطم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبلي کي خطاب ۾ واضح ڪيو هو ته پاڪس??ان جي رياست ۾ اقليتن جي حقن کي مڪمل تحفظ حاصل هوندو. اي پي پي جي اهتمام هيٺ ڪرسمس جي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪرسمس جي دلچسپ ۽ زبردست تاريخ آهي، هر نئين صدي ۾ ڪرسمس ۾ نوان رنگ ڀرجندا ويا، ڪرسمس کي سدائين خوشين جو ڏڻ تصور ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته پاڪس??ان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مسيحي برادري جو اهم ڪردار آهي، پاڪس??ان جي مستقبل ۾ اقليتن جي ڪردار کي وڌيڪ سا??اه??و ويندو، هن چيو ته اهڙي طرح جي تقريبن جو انعقاد ان لاءِ به ضروري آهي ته ماڻهن کي ٻڌائي سگهجي ته رياست ۾ سڀني اقليتن جا ماڻهو شامل آهن. اطلاعات واري وزير اطلاعات واري وزارت ۽ اي پي پي ۾ ڪرسمس جي تقريب جي انعقاد کي سا??اه??ندي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي خوشين جي مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ مسيحي ملازمن ۾ سوويئنرز به ورهايا، تقريب ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اي پي پي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسين، انفارميشن سر??س اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل سيد جاويد، اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر عديله رباب، مسيحي ملازمن ۽ سندن گهرڀاتين سميت ٻيا به موجود هئا.