اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) او آءِ سي جي پرڏ??هي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي پرڏ??هي وزير شاهه محمود قريشي سان سندس سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، افغانستان سميت خطي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏ??هي وزير چيو ته اسان سعودي عرب سان ٻطرفن اقتصادي ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ انهن کي سياسي لاڳاپن سان هم آهنگ بڻائڻ جي لاءِ پر??زم آهيون. پرڏ??هي وزير مشڪل وقت ۾ پ??ڪس??ان جي معاونت تي سعودي پرڏ??هي وزير جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پ??ڪس??ان مارچ 2022ع ۾ او آءِ سي پرڏ??هي وزيرن واري ڪائونسل جي 39 هين اجلاس جي ميزباني لاءِ تيار آهي. هن چيو ته هڪ ٻئي پٺيان ٻن پرڏ??هي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاسن جي ميزباني مسلمان امت جي لاءِ پ??ڪس??ان جي سنجيده سوچ جي ترجماني ڪري ٿي. پ??ڪس??ان او آءِ سي کي مسلمان امت جو مستحڪم آواز سمجهي ٿو، اسلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ پر??ڻن تڪرارن جي حل لاءِ او آءِ سي جي موثر ڪردار جو گهرجائو آهي. 40 سالن تائين جنگ ۽ جدل کانپوءِ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحران جي لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته ان جا اثر پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ سڄي دنيا جي لاءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي سان او آءِ سي جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت تي او آءِ سي جا ٿورائتا آهيون. 57 مسلمان ملڪن جو آواز رکندڙ او آءِ سي، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ موثر ڪردار ڪري سگهي ٿي. سعودي پرڏ??هي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود او آءِ سي پرڏ??هي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي شاندار انتظامن کي ساراهيندي پر??لوص ميزباني تي پرڏ??هي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.