جهلم – 20 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته موسمياتي تبديلي ڪنهن هڪ ملڪ جو نه پر پوري دنيا جو مسئلو آهي، وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه کان ب??ين ٽ??ي سونامي پروگرام شروع ڪيو، ليڊر اهو هوندو آهي جيڪو اليڪشن جو نه پن??نجي ايندڙ نسل جو سوچيندو آهي، وزيراعظم سدائين ماحول جي بهتري ۽ پن??نجي ايندڙ نسل جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي، ماضي ۾ ڪنهن ملڪ ۾ ماحول جي بهتري جو سوچيو ئي نه هو، اڄ 25 هزار ايڪڙ زمين تي 20 هزار ٻوٽا لڳايا ويندا، جهلم ۾ ساڍا 10 هزار ايڪڙ زمين ٻيلن لاءِ مخصوص ڪئي آهي، وزيراعظم عمران خان جهلم کان للها ڊبل ڪيرج وي جو تازو ئي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، انشاءَ الله ايندڙ سال هتان جي عوام جي سهولت لاءِ ڊبل ڪيرج وي مڪمل ٿي ويندو، جلال پور ڪينال منصوبو تيزي سان جاري آهي، هڪ لک 78 هزار ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي، اڄ اسان جي آبادگارن کي پن??نجي فصلن جي پوري قيمت ملي رهي آهي، زرعي معيشت ۾ بهتري آئي آهي، اسان جون صنعتون ترقي ڪري رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هجوالا فاريسٽ ضلعي جهلم ۾ وزيراعظم جي ب??ين ٽ??ي سونامي پروگرام تحت ميگا پلانٽيشن ڊي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ بلغاريه جي سفير، ضلعي انتظاميا، ڊپٽي ڪمشنر جهلم، ميڊيا نمائندن، جهلم پريس ڪلب جي عهديدارن، جهلم جي عوام ۽ اسڪولن جي ٻارن شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به ماحول جي بهتري جو سوچيو ئي نه ويو هو، وزيراعظم عمران خان واحد ليڊر آهي جنهن خيبرپختونخواهه مان ب??ين ٽ??ي سونامي پروگرام شروع ڪيو، وزيراعظم حلف کڻڻ کانپوءِ سڀ کان اڳ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ليڊر اهو هوندو آهي جيڪو پن??نجي اليڪشن جو نه پر پن??نجي نسل جو سوچيندو آهي ۽ وزيراعظم سدائين ماحول جي بهتري ۽ پن??نجي ايندڙ نسل جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته هن وقت موسمياتي تبديلي پوري دنيا جو مسئلو آهي، ڪا هڪ قوم يا هڪ ملڪ ان کان متاٿر نه آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان پن??نجي نسل کي هڪ بهتر ماحول ڏئي وڃون. هن چيو ته اڄ ڪينسر ۽ ساهه جي بيمارين ۾ اضافي جو وڏو سبب اهو آهي ته ماضي ۾ ماحول جي بهتري لاءِ ڪنهن ڪم نه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جهلم ۾ اسان ساڍا 10 هزار ايڪڙ زمين ٻيلن جي لاءِ مخصوص ڪئي آهي، 2018ع ۾ اسان هتي جيڪي ٻوٽا هنيا هئا اڄ اهي وڌي وڏا وڻ بڻجي چڪا آهن، وڻ ۽ ٻوٽا لڳائڻ سان اڄ هتي زمين ۾ پاڻي جو ٺهراءُ پيدا ٿي ويو آهي، اڄ 25 هزار ايڪڙ زمين تي 20 هزار وڻ لڳايا ويندا. هن چيو ته اسڪولن جا 6 هزار کان وڌيڪ ٻار هتي اڄ پن??نجو قومي فرض ادا ڪرڻ جي لاءِ موجود آهن جن کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي.