اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، تر??ي ۽ خاص قدمن واري وف??قي وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ جي 70 ملين ماڻهن کي ڪوويڊ ويڪسين جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ خوراڪ ملي چڪي آهي. وف??قي وزير اسد عمر جيڪو نيشنل ڪ??انڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو انچارج به آهي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته سال جي آخر ت??ئين 70 ملين ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته ان کان ٻه مهينا اڳ ئي حاصل ڪري ورتو. 2021?? جي لاءِ سال جي آخر جو هدف 7 ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جو مقرر ڪيو ويو هو، اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته 7 ڪروڙ (70 ملين) ماڻهن کي هاڻي گهٽ ۾ گهٽ هڪ خوراڪ ملي چڪي آهي ۽ 4 ڪروڙ (40 ملين) مڪمل طور تي ويڪسين لڳرائي چڪا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته 2 مهينا باقي آهن، اسان انشاءَ الله پنهنجي هدف کان اڳتي وڌنداسين.