اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان چيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ مديني جي رياست جي بنياد عدل ۽ انصاف، معاشري جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ ميرٽ جي حڪمراني تي رکيو، نو??وانن کي جنسي ڏوهن ۽ منشيات جهڙين اخلاقي براين کان بچ??ئڻ لاءِ سيرت طيبه جي سنهري اصولن جي روشني ۾ ان جي ڪردار سازي گهڻي ضروري آهي. وزيراعظم سان ڊاڪٽر صاحبزاده ساجد الرحمان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نو?? الحق قادري به موجود هو. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال ملڪ ۾ 12 ربيع الاول ڀرپور مذهبي عقيدت ۽ احترام ۽ جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو، ان موقعي تي نو??وان نسل کي مديني جي رياست ۽ سيرت طبيه جي رهنما اصولن کان روشناس ڪرائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي. حضور اڪرم ﷺ مديني جي رياست جو بنياد عدل ۽ انصاف، معاشري جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ ميرٽ جي حڪمراني تي رکيو، پاڻ سڳورن ماڻهن جي ڪردار سازي تي خاص ڌيان ڏنو. وزيراعظم چيو ته اڄ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي دور ۾ نو??ان نسل جنسي ڏوهن ۽ منشيات جهڙين براين کان بري طرح متاثر ٿي رهي آهي، نو??وانن کي ان اخلاقي براين کان بچ??ئڻ لاءِ سيرت طبيه جي سنهري اصولن جي روشني ۾ انهن جي ڪردار سازي گهڻي ضروري آهي، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت رحمت اللعالمين اٿارٽي قائم ڪئي آهي جنهن ۾ سيرت طيبه تي اعليٰ شهرت رکندڙ اسڪالرز نو??وانن جي ڪردار سازي لاءِ رهنمائي ڪندا، وزيراعظم چيو ته اها اٿارٽي تحقيق ڪري نو??وانن کي ٻڌائيندي ته اهي ڪهڙا عمل هئا جنهن جي ڪري رڳو 13 سالن جي ٿوري عرصي ۾ (636-623) مسلمان قيصر ۽ ڪسري جي عظيم سلطنتن کي زير ڪري 150000 چورس ڪلوميٽر زمين تي حڪمراني ڪرڻ لڳا.